درد جو دريا

درد جو دريا

درد جو دريا 2

درد جو دريا (ڪتاب): هي سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس موهن ڪلپنا مشهور ناول آهي. جڏهن مرحوم طارق اشرف وفات کان ڪجهه وقت اڳ ڀارت ويو هو ته سندس دوست موهن ڪلپنا کيس پنهنجو هي ناول سنڌ ۾ ڇپرائڻ لاءِ اُن اُڪير سان ڏنو هو ته، ”آءٌ چاهيان ٿو ته منهنجو هي ناول سنڌ ۾ ڇپجي“. طارق اشرف هيءُ ڪتاب پنهنجي اداري پاران ڇپائڻ بدران روشني پبليڪيشن جي علي نواز گهانگهري کي پنهنجي اداري روشني پبليڪيشن پاران ڇپڻ لاءِ ڏنو. ڪتاب ڇپائيءَ جي آخري مرحلي ۾ هو ته طارق اشرف گذاري ويو ۽ جلد موهن ڪلپنا به پنهنجي اباڻي وطن سنڌ کي ڏسڻ جون سموريون خواهشون دل ۾ کڻي هن جهان کي الوداع ڪئي. هي ناول بعد ۾ روشني پبليڪيشن، 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ناول جي ارپنا موهن ڪلپنا، 4 آگسٽ 1991ع تي محمد ابراهيم جويي ۽ اي. جي. اتم جي نالي ڪئي آهي. ناول جي شروعات کان پهرين موهن ڪلپنا جو سيلف پورٽريٽ ڇپيل آهي، جنهن جي آخر ۾ هن لکيو آهي ته، ”مان سرسوتيءَ جي چوٽيءَ مان ڪِريل ڦول جي هڪ پنکڙي ناهيان، پر ڪڏهن، ڪٿي، ڪنهن پنهنجو پير رکيو هو، مان ان پير جو نشان آهيان، ۽ مان اُن پير جي ڳولا ۾ آهيان.“
هن ناول ۾ موهن ڪلپنا پنهنجي سنڌ سان محبت جو اٿاهه اظهار سمايو آهي، جنهن ۾ جلاوطنيءَ جو ڪَرب ۽ درد به شامل آهي. سندس ناول جون هي آخري سٽون اُن جو ڀرپور اظهار آهنۡ: ”مون کي لڳي ٿو، هينئر، بس هينئر، اسين عدن جي باغ مان هڪاليا ويا آهيون. اسان جو وڃايل سرڳ، اسان جو پنهنجو وطن سنڌ آهي، پر ڪو پُڇڻ وارو ڪونهي، ڪو ڄاڻڻ وارو ڪونهي، ڪو انتظار ڪري، اهڙو به ڪونهي.“
هي ناول موهن ڪلپنا 14 اپريل 1991ع کان 2 جون 1991ع تائين لکي پورو ڪيو هو ۽ سندس آخري ناولن مان آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو روشني پبليڪيشن 1992ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1999ع ۾ شايع ڪيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 102 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي جي قيمت 60 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1991.08.04  عيسوي

هن ناول جي ارپنا موهن ڪلپنا، 4 آگسٽ 1991ع تي محمد ابراهيم جويي ۽ اي. جي. اتم جي نالي ڪئي آهي.


1991.04.14  عيسوي

هي ناول موهن ڪلپنا 14 اپريل 1991ع کان 2 جون 1991ع تائين لکي پورو ڪيو هو ۽ سندس آخري ناولن مان آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو روشني پبليڪيشن 1992ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1999ع ۾ شايع ڪيو آهي.



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انيس جا افسانا
تذڪره ڪلمات الشعرا
شرح مائة عامل
جنين ڏاند نه ٻج
الشهباز
چرخي جو راز
ٽجوڙيءَ جي ڪنجي
ڏاهي جهرڪي
اصلاح المصلح والمفتاح
انتظار جي موسم
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون